نوابشاهه ڀرسان نشائي مڙس معمولي ڳالهه تان پنهنجي زال کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري وڌو

نوابشاهه(رپورٽر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڌري ڀرڪت آرائين ۾ وحشي ۽ نشائي  مڙس، عبدالخالد خاصخيلي  معمولي  ڳالهه تان چئن ٻارڙن جي  ما۽ ۽ پنهنجي زال مسمات زرينه کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ علاج لا۽ نوابشاهه اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي زخمي عورت ٻڌايو ته مڙس نشو ڪندو هئيو ۽ مونکي ناجائز  مارڪٽ ڪندو هئيو ۽ اڄ صبح جو پڻ منهجو وڏو پٽ عاشق کير وٺڻ لا۽ ٻاهر ويو ته جوابدار ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هن چيو ته مڙس ڪجهه ڏينهن اڳ پڻ مونکي چيو ته مان ٻئي شادي ٿو ڪيان ان تان پڻ هن مونکي مارڪٽ ڪئي هوڏانهن حد جي پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل هئي، عورت مطالبو ڪيو ته مونکي وحشي ۽ نشائي مڙس مان تحفظ ڏياريو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *