نوابشاهه ويجهو بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، چار ڄڻا فوت، 22 زخمي

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه ويجهو بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سڪرنڊ باءِ پاس تي چوٿون ميل اسٽاپ وٽ پشاور کان ڪراچي ايندڙ تيز رفتار مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور محمد يوسف، اسد ۽ جهانگير سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا. زخمين ۾ شڪيل، نواز، حسن علي، بادشاهه خان، ارشاد، سرفراز، قاسم، بهادر، عبدالشڪور ۽ ٻيا شامل آهن. اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي پي ايم سي اسپتال پهچايو. ضروري ڪارروائي بعد اسپتال مان چئن فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين مان ٽن ڄڻن جي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي پئي وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *