نوابشاهه جي خانگي اسپتال ۾ عورت چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه جي خانگي اسپتال ۾ عورت چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي،ڊاڪٽرن موجب ماءُ ۽ سندس چارئي ٻارڙا صحتمند آهن. شهر جي منو آباد واري علائقي جي رهواسڻ انعم کي ويم جي لاءِ خانگي اسپتال داخل ڪرايو ويو،جتي هن چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو. خانگي اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب ويم وقت‎ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي پر آپريشن ڪامياب رهيو. ڊاڪٽرن واضح ڪيو ته ويم بعد عورت انعم ۽ سندس چئني ٻارڙن جي صحت بهتر آهي. هوڏانهن ٻارڙن جي والد علي رضوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چئن ٻارڙن جي نعمت نصيب ٿيڻ تي هو تمام گهڻو خوش ۽ الله پاڪ جو ٿورائتو آهي..

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *