نه رڳو بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، پر اپوزيشن جَي هٿن مان ايندڙ چونڊون به نڪري ويون آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چئي رهيو آهي ته ٿري اسٽوجز کي ملڪ بچائڻو آهي ته بهتر آهي عمران خان سان گڏ ٻڏي وڃو هي ڪپتان جي ڄار ۾ ڦاسي پيا عدم اعتماد ناڪام ٿيندي انهن جي 2023 جي اليڪشن به وئي. مان اپوزيشن جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيانٿو جنهن قوم کي ٽماٽر ۽ بصر جون قيمتون وساري ڇڏيون سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ جو صحيح احساس ٿيندو آهي پي ٽي آئي اورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ اپوزيشن پارٽين جو دل سان شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ان لاءِ شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته انهن ماڻهن کان ٽماٽر ۽ بصر جو اگهه وساري ڇڏيو آهي هن چيو ته هن وقت تائين اسان کي عالمي سطح تي مهانگائي جو سمند آيل آهي اسان کي سڄو وقت بار هوندو آهي ته ڪيئن اسان ماڻهن لاءِ سولائي پيدا ڪيون ۽ ڪيئن مهانگئي گهٽ ڪيون ۽ منهنجي ٽيم سوچي ٿي ته ڪهڙا طورطريقا استعمال ڪيون هن چيو ته جڏهن کان ماڻهن هنن ٿري اسٽوجز جون شڪلون ڏٺيون اهن ۽ جڏهن عدم اعتماد ڪيو آهي ته هاڻي ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته هڪ پاسي نوازشريف ۽ شهبازشريف ٻئي پاسي آصف زرداري آهي وزيراعظم چيو ته مان پنهنجن ماڻهن کي چيو ته انهن مون تي ايڏو احسان ڪيو آهي جو مان انهن کي گهٽ وڌ نه چوندس وزيراعظم چيو ته منهنجي تڪن مان آزاد اچي رهيا آهن ۽ 27 تاريخ تي سب اسلام آباد جو منهن ڪري رهيا آهن هن چيو ته ان لاءِ مون کي انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ ڏيو جيئن ماڻهن ڏٺو ته هي ٽي شڪلون هڪ پاسي پوءِ فضل الرحمان مان سوچي رهيو هيس ته 10 ڏينهن ۾ ڇا ٿيو آهي جو هڪدم ملڪ تبديل ڪيئن ٿي ويو سڄو ملڪ مهانگائي ۽ سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي هن چيو ته مان جڏهن غور ڪيو ته ڇا ٿيو جو جڏهن هي ٽئي گڏ ٿيا ته مسلم ليگ (ن) آهي، نوازشريف جي ماڻهن کي انهن اهو ٻڌايو ته زرداري کان ڪرپٽ ماڻهو پاڪستان ۾ ڪوئي نه آهي ٻه ڀيرا ان کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو هن چيو ته ٻئي پاسي زرداري پيپلزپارٽي کي اهو ٻڌايو ته نوازشريف کان ڪرپٽ ڪوئي ماڻهو نه آهي ان تي حديبه پيپر ملز جو ڪيس ٺاهيو اهو اهو هو ته هتان مني لانڊرنگ ڪري پئسو ٻاهر کڻي ويندا هئا. ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهي پئسو واپس کڻي ايندا هئا هن چيو ته هي ڪيس شريفن تي زرداري ڪيو هو فضل الرحمان کي ڊيزل جو نالو مسلم ليگ (ن) ڏنو هو مسلم ليگ (ن) جي هڪ رنگ باز فضل الرحمان جونالو ڊيزل رکيوهو اسان ناهي رکيو عمران خان چيو ته فضلالرحمان جي پارٽي سمجهي ٿي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) چور آهي مسلم ليگ (ن) سمجهي ٿي ته پيپلزپارٽي چور ۽ فضل الرحمان ڊيزل آهي پيپلزپارٽي نوازشريف کي چور ان کي ڊيزل سمجهي ٿي هن چيو ته جڏهن هي ٽئي گڏ ٿيا آهن ته مانه انهن جو شڪريو ان لاءِ ادا ڪرڻ چاهيان ٿو تهس موري قوم ڏٺو آهي ته جيڪڏهن انهن کي ملڪ بچائڻو آهي ته بهتر آهي عمران خان سان گڏ ٻڏي وڃو تنهن ڪري تمام گهڻيون مهربانيون هن ملڪ ۾ هي الله جو خاص ڪرم ٿيو جو هي ٽئي گڏ ٿي ويا ۽ انهن منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *