ننڍپڻ کان اشتهاري بورڊن جي سونهن بڻجڻ جو خواب هو: اڪشي ڪمار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي رانديگر اداڪار اڪشي ڪمار جو چوڻ آهي ته کيس ننڍپڻ کان ئي اشتهاري بورڊن جي سونهن بڻجڻ جو شوق هو ۽ سندس اهو خواب هو ته سندس تصوير وڏن وڏن اشتهاري بورڊن تي لڳي ۽ سندس خوشقسمتي آهي ته اڄ سندس اهو خواب ساڀيان ماڻي چڪو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق پنهنجي نئين فلم “ائير لفٽ” کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چاهيندڙن سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر ماڻهو پنهنجي تصويرن کي وڏون بورڊن تي ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو،منهنجو به اهو ئي خواب هو جيڪو هاڻي پورو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *