ننڍي چونڊ ۾ شڪست سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف عوام جو فيصلو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ڏينهن عوام ننڍي چونڊن ۾ شرڪت ڏيئي سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف فيصلو ڏنو پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن عوام ننڍي چونڊ ۾ هارائي سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف فيصلو ڏنو هي ان جي خلاف ريفرنڊم هو هن چيو ته وفاقي حڪومت سينيٽ چونڊن کي يرغمال بڻائي رهي آهي، صدارتي ريفرنڊم بدنيتي تي آهي ۽ عدالت ۾ هجڻ جي ڪري سينيٽ چونڊن بابت صدارتي آرڊيننس ان جي بدديانتي آهي هن چيو ته هي پنهنجي ئي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هي جن ڳالهين جي مخالفت ڪندا هئا اهي سڀ ڪم پاڻ ڪري رهي ااهن ۽ موروثي سياست کي هٿي ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته هڪ آرڊيننس جي ذريعي آئيني ترميمون نٿيون ڪري سگهجن هو پنهنجو مدو 10 سالن لاءِ آرڊيننس آڻين ته ڇا اهو قبول ڪري سگهجي ٿو حڪومت جي وڃڻ جو وقت ويجهو آهي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي آءِ اي جي هڪ ملازم ڪالهه بک وگهي فوت ٿي ويو پرويز مشرف کان به وڌيڪ آمراڻو دور عمران خان جو آهي عمران خان جي دور ۾ عوام سان رڪارڊ زيادتيون ٿي رهيون آهن ان جو ريموٽ ڪنٽرول اءِ ايم ايف وٽ آهي جڏهن ته نيب کان اپوزيشن کي ايڏو ڊپ نه اهي جيترو حڪومت کي آهي مان ٻاهر هيس پر پوءِ به واپس آيس هن چيو ته بي آر ٽي تي ڪائي انڪوائري برداشت نه پيا ڪن بي آر ٽي تي اسٽي آرڊر بي ايماني جو ثبوت آهي هن چيو ته اسان ڪنهن قسم جي هارس ٽريڊنگ تي يقين نٿا رکون رابطا سڀني سان ڪيا ويندا آهن هي هڪ جمهوري عمل آهي جڏهن ته هاڻي انهن جون سيٽون نه بچنديون شرجيل ميمڻ چيو ته حليم عادل شيخ جي خلاف ڪائي انتقامي ڪارروائي نه پئي ٿئي جديد هٿيارن سان ڪالهه ان سان گڏ سوين ماڻهو هئا جڏهن ته پوليس اڃا تائين ته سڀ هٿيار به هٿ ناهن ڪيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *