ننڍي عمر ۾ شادي جي بل واري معاملي تي وفاقي وزير آمهون سامهون اچي ويا

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ چائلڊ ميرج ترميمي بل جي معاملي تي وفاقي وزير آمهون سامهون ٿي ويا. سينيٽ مان گذريل ڏينهن منظوري کانپوءِ چائلڊ ميرج ترميمي بل کي اڄ قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ موڪليو ويو، جڏهن ته ننڍي عمر ۾ شادي جي بل واري معاملي تي وفاقي وزير آمهون سامهون اچي ويا. مذهبي معاملن وارو وزير نور الحق قادري اقليتي ميمبر رميش ڪمار جي پيش ڪيل بل جي مخالفت ڪندي چيو ته موجوده شڪل ۾ بل قبول ناهي. بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي موڪلي وڃي. پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان چيو ته بل اسلام ۽ سنت سان متصادم آهي. هن چيو ته بل جي مخالفت ڪريان ٿو، ڀلي ان جي لاءِ وزارت تان هٿ ڌوئڻا پون. انساني حقن جي وزير شيرين مزاري بل جي حمايت ڪندي چيوته فرد واحد کي اسلام جي فيصلي جو اختيار ناهي. شيرين مزاري چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي متعلق بل ڪميٽي کي موڪليو وڃي، اهڙي ئي فتويٰ جامعته الازهر ڏني آهي. ڇا اهو اسلام جي خلاف ڏنو؟ گهرو وزير اعجاز شاهه به چائلڊ ميرج ترميمي بل جي مخالفت ڪئي. ٽن وزيرن جي مخالفت باوجود بل اڪثريت راءِ سان پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ڊپٽي اسپيڪر راءِ واضح نه اچڻ تي ننڍي عمر ۾ شادي جي باري ۾ بل تي ووٽ ڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ بل جي حق ۾ 72 ۽ مخالفت ۾ 50 ميمبرن ووٽ وڌا. اسپيڪر بل راءِ شماري کانپوءِ قائمه ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *