نمائشي گيلري ۾ پ پ ۽ ڀٽو خاندان جي سياسي جدوجهد ۽ ملڪ خاطر ڪارناما انجام ڏيندڙن جو تصويرون لڳايون وڃن: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو اڄ آرڪائيوز ڪامپليڪس ۾ ايگزيبيشن (نمائشي) گيلري ،نيوزيم ۽ ريپروگرافي ليب جي ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو . ان موقعي تي ڊائريڪٽر آرڪائيوز بشير احمد بروهي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر مخدوم ذولفقار صوبائي صلاحڪار کي آرڪائيوز جي تحت جاري ترقياتي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جڏهن ته ان موقعي تي اطلاعات بابت صلاحڪار جو ڪوآرڊينيٽر برڪت ٻٻر ۽ اڳوڻو سنڌ اسمبلي جو ميمبر صغير احمد قريشي ۽ ٻيا آفيسر ساڻس گڏ هئا. صلاحڪار آرڪائيوز کاتي جي تحت جاري ترقياتي ڪم مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نمائشي گيلري ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان جي سياسي جدوجهد ، ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ناليواري شخصيتن، شعر ۽ ادب، فنون لطيفه سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيندڙن جون تصويرون لڳايون وڃن ۽ انهن جي تاريخي ۽ تحقيقي ڪم کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪيو ويندو. هن آرڪائيوز کاتي جي آفيسرن کي تاريخي ۽ ناياب سرڪاري دستاويزن کي محفوظ ڪري ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجيون ذميوايون نڀائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ناياب ۽ تاريخي دستاويز جي تحفظ لاءِ آرڪائيوز کاتي جي تحت سنڌ جي هر ڊويزنل هيڊ ڪواٽر ۾ آفيسون ۽ لائبريريون قائم ڪيون پيون وڃن. مولا بخش چانڊيو چيو ته آرڪائيوز کاتي جي تحت قائم ٿيندڙ نمائشي گيلريون، ريپرو گرافي ليب ۽ لائبريرين سان محققن کي تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *