نظريه ضرورت دفن ٿي چڪو هاڻي ان کي جيئرو ٿيڻ نه ڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي، عدالت وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ سرڪاري تقرير جو متن طلب ڪري ورتو، جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته وزيراعظم خلاف الزام جو سڄو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ثبوت ۽ شاهد آندا وڃن، عدالتون ثبوت ڏسي فيصلا ڪنديون آهن. اسيمبلي جي ڪارروائي پبلڪ پراپرٽي هوندي آهي سڀني کي ملڻ گهرجي، عوام کي خبر پوڻ گهرجي ته سندس مستقبل جو فيصلو ڪيئن ۽ ڪٿي ٿي رهيو آهي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ جيڪي لفظ وزيراعظم چيا آهن اهي ئي اصل ثبوت آهي، صادق ۽ امين واري شق ڪنهن آندي، صادق ۽ امين هجڻ جي تقاصا صرف پارليامينٽ ناهي عدالت ذميواري پوري ڪرڻ ۾ اکيون نه ٿي پوري سگهي، آئين ۾ 62 ۽ 63 جي شق شامل ڪندڙ پاڻ غاصب هيو، اهو پاڻ صادق ۽ امين نه هيو ۽ ٻينجي صادق ۽ امين هجڻ جي ڳالهه پيو ڪري، ڪيس جو فيصلو اردو ۾ ڏنو ويندو ته جيئن عوام کي خبر پئجي سگهجي، آءِ ايس پي آر طرفان ميڊيا کي گهرائي بريفنگ ڏني ويندي آهي پر ان معاملي تي آءِ ايس پي آر پاران ٽوئيٽ ڪيو ويو، ڇا ٽوئيٽ قبولڻ جوڳي شاهدي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڌرين کان جواب طلب ڪيو وڃي ته سچ سامهون اچي سگهي ٿو، ڏسڻو پوندو ته وزيراعظم آرمي چيف سان ملاقات ۾ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا، وزيراعظم جي اصل لفظن مان خبر پوندي ته ڇا صحيح آهي ڇا غلط آهي، فوج کي بدنام ڪرڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي شروع ٿي وئي آهي، جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته عدالت کي وزيراعظم جي سرڪاري تقرير جو متن ڏنو وڃي، درخواست گذار گوهر نواز سنڌو جو چوڻ آهي ته هن اسيمبلي ۾ تقرير جو متن ڏيڻ جي درخواست ڪئي پر ان تي ڪوبه جواب ناهي ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ جي ريسرچ اسٽاف تقرير جو متن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو نه ملي سگهيو، چوڌري نثار جي اسيمبلي ۾ تقرير سان ايئن سان لڳو ته فوج تحريڪ انصاف جي چوڻ تي وچ ۾ پئي، سياسي نه قانوني معاملو آهي عدالت فيصلو ڏئي سگهي ٿي، فوج جو ڪردار شڪي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گوهر نواز سنڌو، پهريان اهو ڏسڻو پوندو ته ڪنهن ڪنهن کي ڇا چيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *