نظرثاني درخواستن ۾ وڪيل مٽائڻ جي اجازت ۽ ٻڌڻي ۾ اجائي دير ڪرڻ نه ڏني ويندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نظرثاني جي درخواستن ۾ وڪيل مٽائڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ نه ئي درخواستن جي ٻڌڻي ۾ غير ضروري دير ٿيڻ ڏني ويندي، وڪيل تياري ڪري اچن ۽ دليل ڏين، اها هدايت 3 رڪني بئنچ جي اڳواڻ جسٽس ميان ثاقب نثار مسمات رضيه بي بي جي نظر ثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاري ڪئي ، عدالت وڪيل مٽائڻ جي اپيل رد ڪندي چيو ته درخواست هونءِ به 66 ڏينهن کان پوءِ داخل ڪئي وئي آهي ۽ وري وڪيل مٽائڻ جي اجازت گهري پئي وڃي، ان لاءِ نه وڪيل تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي ۽ نه ئي وڌيڪ عرصي تائين درخواست ٻڌي سگهجي ٿي،اهڙا ريمارڪس ڏيڻ کانپوءِ عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *