نظام بچائڻ لاءِ اسپيڪر ۽ 2 وزيرن جي قرباني ڏئي ڇڏيو، آصف زرداري جو نواز شريف کي مشورو

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي اسپيڪر ۽ 2 وزيرن جي قرباني ڏئي سسٽم بچائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي صدر آصف علي زداري پنهنجي هڪ سينيٽر کي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي جي سربراهه وٽ موڪليو ته وزيراعظم نواز شريف کي منهنجي طرفان مشورو ڏيو ته نظام جي بهتري ۽ ان کي هلائڻ لاءِ جيڪڏهن اسپيڪر ۽ 2 وزيرن جي قرباني ڏيڻي پئي ته ڏئي ڇڏيو ڇو ته مون به وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي قرباني ڏني هئي پر مون سمورن اسيمبلي ميمبرن جي قرباني ڏيڻ لاءِ هڪ فهرست ترتيب ڏني هئي ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسپيڪر اياز صادق، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي تڪن ۾ ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *