نشوا ڪيس: هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ رد، اسپتال جي آڊٽ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار نشوا ڪيس ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. وڏو وزير مراد علي شاهه اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت ٿيل ٻارڙي نشوا جي گهر پهتو. اُن موقعي تي وڏي وزير سان گڏ آءِ جي سنڌ ڪليم امام، صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا به موجود هئا. ٻارڙي نشوا جي والدين سان ملاقات دوران وڏي وزير طرفان اسپتال انتظاميا خلاف ٿيندڙ ڪارروائين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارڙي جي والدين وڏي وزير آڏو خدشن جو اظهار ڪيو آهي. نشوا جي والد سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٻارڙي جا والد خدشن جو اظهار ڪيو، آءِ جي سنڌ کي اُها خدشا ختم ڪرڻ ۽ سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي ۽ اُن ۾ نامزد سمورا جوابدار پڪڙ ۾ ايندا، ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته صحت کاتي جي وزير ۽ آئون واقعي جي حوالي سان هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ مان مطمئن نه آيون، دار الصحت اسپتال جي انتظاميا تي 5 لک رُپيا ڏنڊ مڙهڻ ڪافي ناهي. ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته دار الصحت اسپتال جي سموري عملي جي آڊٽ ڪرايو. نشوا ڪيس کانپوءِ سنڌ سرڪار دار الصحت اسپتال سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪشمنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ اڻ سکيل عملو ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نشوا جي والدين سان ملاقات بعد دار الصحت اسپتال سيل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ مسئلا آهن، تنهنڪري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪشمنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته اسپتال کي سيل ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اتي اڻ سکيل 80 ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن ، ان کان اڳ سنڌ سرڪار نشوا ڪيس ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو. وڏو وزير مراد علي شاهه اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت ٿيل ٻارڙي نشوا جي گهر پهتو. اُن موقعي تي وڏي وزير سان گڏ آءِ جي سنڌ ڪليم امام، صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا به موجود هئا. ٻارڙي نشوا جي والدين سان ملاقات دوران وڏي وزير طرفان اسپتال انتظاميا خلاف ٿيندڙ ڪارروائين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارڙي جي والدين وڏي وزير آڏو خدشن جو اظهار ڪيو آهي. نشوا جي والد سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٻارڙي جا والد خدشن جو اظهار ڪيو، آءِ جي سنڌ کي اُها خدشا ختم ڪرڻ ۽ سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي ۽ اُن ۾ نامزد سمورا جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته صحت کاتي جي وزير ۽ آئون واقعي جي حوالي سان هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ مان مطمئن نه آيون، دار الصحت اسپتال جي انتظاميا تي 5 لک رُپيا ڏنڊ مڙهڻ ڪافي ناهي. ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته دار الصحت اسپتال جي سموري عملي جي آڊٽ ڪرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *