نشاني بازي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ نئون نظام متعارف ڪرايو: آرمي چيف

جهلم (م.د) پاڪستان آرمي جي نشاني بازي جو ساليانو مقابلو ختم ٿي ويو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جوانن جي نشاني بازي جي صلاحيت تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ آرمي جو نشاني بازي جو ساليانو مقابلو جهلم ويجهو آرمي فائرنگ رينج ۾ 2 هفتن تائين جاري رهيو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف فائرنگ رينج جهلم ۾ نشاني بازي جي مقابلن جو معائنو ڪيو جوانن رائيفل، لائيٽ مشين گن سان رائنگ ۾ پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو آرمي چيف جوانن جي نشاني بازي جي اعليٰ معيارکي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پيشيوراڻن معاملن ۾ مهارت لاءِ هر جوان کي تربيتي عمل مان گذرڻو آهي جوانن جي نشاني بازي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي آرمي چيف جوانن ۾ ٽرافيون ۽ ميڊل ورهايا مقابلن ۾ ملتان ڪور مجموعي طور تي 2014ع تي ٽرافي حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *