نسيم شاهه کي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ شموليت جي اجازت ملي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر نسيم شاهه کي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ شموليت جي اجازت ملي وئي. تفصيل موجب ڪورونا ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي پي ايس ايل مان آئوٽ ڪيو ويو هو پر هاڻي پي سي بي اختيارين کيس ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ شموليت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پي سي بي پاران اجازت ملڻ بعد هاڻي نسيم شاهه ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو حصو بڻجي ويو، پاڪستان بورڊ اختيارين پنهنجي فيصلي تي يوٽرن وٺندي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي واپس بائيو سيڪيور ببل ۾ داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آن لائن اجلاس ۾ فرنچائز جي مطالبي تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي واپس بائيو سيڪيور ببل ۾ داخلا جي اجازت ڏني.نسيم شاهه کي پري ارائيول ڪووڊ 19 ٽيسٽ کانپوءِ ٻيهر آئسوليشن موڪليو ويندو، بائيو سيڪيور ببل جا پروٽوڪول مڪمل ڪرڻ تي هو پاڪستان مان اڏام ڪندڙ ٽين چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي ابوظهبي روانگي جو اهل هوندو.پاڪستان ۾ بائيو سيڪيور پروٽوڪولز موجب هڪ پري ارائيول ٽيسٽ، هوٽل ۾ آئسوليشن ۽ 2 ريپيٽ ٽيسٽون شامل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *