نرگس فخري” اوئي اوئي“ جي ريميڪ مان مندني ڪريمي کي آئوٽ ڪرائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري پنهنجي ايندڙ فلم ” اظهر“ ۾ ماضي جي مشهور فلم تري ديو جي گاني ” اوئي اوئي“ جي ريميڪ مان مندني ڪريمي کي آئوٽ ڪرائي ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا مطابق اوئي اوئي جي ريميڪ ۾ مندنا ڪريمي جو نالو فائنل ڪيو ويو هو پر نرگس فخري اهو چئي سندس نالي تي اعتراض واريو ته جيڪڏهن ڪي مشهور چهرا ان گاني ۾ شامل هوندا ته ماڻهن جو ڌيان سندس ڪردار تان هٽي ويندو، فلم يونٽ جي ذريعن ٻڌايو ته اهو گانو فلم ”اظهر“ جو اهم حصو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنگيتا بجلاڻي پرفارم ڪيو هو، جنهن  اڳتي هلي ڪرڪيٽر اظهر الدين سان شادي ڪئي،جنهن جي زندگي تي اها فلم ٺهي رهي آهي، ذريعن مطابق فلمساز ان گاني ۾ سنگيتا بجلاڻي جو ڪردار ڪندڙ  نرگس سان گڏ ڪجهه ٻيا مشهور چهرا به شامل ڪرڻ جو طئه ڪيو هو، جنهن لاءِ مندنا ڪريمي جو ڪڻو نڪتو پر نرگس فخري ان تي راضي نه ٿي ۽ فلمساز کي مشهور چهرا گاني ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي، ذريعن ٻڌايو ته نرگس جي اهڙي اعتراض کانپوءِ مندنا کي ٻڌايو ويو ته هوءَ هاڻ ان گاني جو حصو ناهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *