نريندر مودي کي وزير اعظم چونڊڻ هندوستاني عوام جي بدقستي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڀارتي وزير اعظم جي بنگلاديش بابت بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نريندر مودي کي وزير اعظم چونڊڻ هندوستاني عوام جي بدقستي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ بدران پاڙيسري ملڪن سان سازشون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نريندر مودي کي عوام ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، کيس ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها، پر هندوستان جي بدقستي آهي جو نريندر مودي جهڙي ماڻهو کي وزير اعظم چونڊيو ويو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ڀارت ۾ بک سبب ماڻهو پنهنجا ٻار وڪرو ڪري رهيا آهن، افسوس جهڙي ڳالهه جو ان ملڪ جو وزير اعظم بادشاهت جي حد ڪري ڇڏي آهي. عمران خان چيو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، ان حوالي سان سمورا ثبوت انڪوائري ڪميشن ۾ پيش ڪيا ويا آهن، ڪميشن جيڪو به فيصلو ڏيندي اها تسليم ڪيو ويندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته اڪثر تڪن تان فارم 15 پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ غائب آهي، انڪوائري ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *