نثار کهوڙو قوم جي نياڻين، عورتن، مائن، ڀيڻن کان معافي گهري:نصرت سحر عباسي

اسلام آباد (بيورو) فنگشنل ليگ جي اڳواڻ نصرت سحر عباسي اسيمبلي ۾ نثار کوڙو کي هر پاسي کان گهيري ڇڏيو، ۽ سند هڪ اهڙي وڊيو اسيمبلي ۾ ڏيکاري جيڪا سوشل ميڊيا تي پڻ موجود آهي، نصرت سحر عباسي چيو ته هي وڊيو اسيمبلي ۾ موجود هر ميمبر وٽ موجود آهي.وڊيو تي پوري اسيمبلي ۾ گوڙ شروع ٿي ويو. جنهن نصرت سحر عباسي کي ڪيترائي ڀيرا ڳالهائڻ کان روڪيو ويو پر هن جو چوڻ هو ته تعليم جو وزير معافي گهري قوم جي مائن، ڀيڻن ۽ عورتن کان. هن چيو ته اسيمبلي جو ميبر هجڻ جي حيثيت ۾ مان اسان اهو حق رکون ٿا ته اسان کي هڪٻئي جي خبر هجي هن وڌيڪ چيو ته مان جڏهن ڳالهائي رهي آهيان ته نثار کهوڙو اسيمبلي مان ڇو هليو ويو، هن کي هتي موجود هجڻ گهرجي ها ۽ مون کي ٻڌڻ ۽ جواب ڏيڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *