نبيل گبول پاران قومي اسيمبلي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ نبيل گبول قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هن چيو ته ايم ڪيو ايم به ڇڏي ڏني  آئنده ڪهڙي پارٽي کي جوائن ڪندس ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ نبيل گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪهڙي پارٽي جوائن ڪندس هينئر ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، ڪجهه ڏينهن آرام ڪندس، هن چيو ته اسپيڪر آفيس ۾ استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي سياست کي الوداع چوڻ هو ڪوبه ارادو ناهي، آئنده جي حڪمت عملي بابت ڪجهه ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندس، نبيل گبول اين اي 246 مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو نبيل گبول ايم ڪيو ايم کان اڳ پيپلز پارٽي جو به قومي اسيمبلي ميمبر رهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *