ناڻي کاتي هٿيار ۽ ٻئي سامان جي خريداري لاءِ سنڌ پوليس کي 0 1 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي کاتي سنڌ پوليس کي 0 1 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا، رقم هٿيار ۽ ٻئي سامان جي خريداري جي سلسلي ۾ جاري ڪئي وئي. تفصيل موجب ناڻي کاتي طرفان سنڌ پوليس کي 0 1 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب جاري ڪيل رقم بلٽ ۽ بم پروف گاڏين، بلٽ پروف جيڪيٽس، هٿيار ۽ ٻئي سامان جي خريداري جي سلسلي ۾ ڏني وئي آهي. رقم ملڻ بعد سنڌ پوليس جي ترجمان موجب هٿيار ۽ ٻئي سامان جي خريداري بعد پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ ڪراچي دهشتگردن سان منهن ڏيڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *