ناڻي وزير سان ورلڊ بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ورلڊ بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ناصر محمود کوسا ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناصر محمود کوسا ورلڊ بئنڪ جي صدر جي تازي پاڪستان جي دوري بابت آگاهه ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته بئن الاقوامي ادارن پاران معاونت ۽ تعاون واکاڻ جوڳو آهي جيڪي جملي معاشي استحڪام جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. هن توقع ظاهر ڪئي ته عالمي بئنڪ سان پارٽنرشپ مستقبل ۾ به جاري رهندي. ورلڊ بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر چيو ته موجوده حڪومت جي مشڪل ۽ انتهائي ضروري سڌارن جي ڪامياب نفاذ سان بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جو اميج بهتر ٿيو آهي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ جي صدر جي تازي دوري جا پاڪستان ۾ انفرا اسٽرڪچر ۽ سماجي ترقي جي شعبي ۾ مثبت اثر پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *