ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ناڻي واري آمريڪي نائب وزير سارا بلوم راسڪن سان ملاقات

اسلام آباد (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪا جي ناڻي واري نائب وزير سارا بلوم راسڪن سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ پاڪستاني معيشت ۾ نمايان بهتري بابت آگاهه ڪيو، سنيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستاني معيشت جي بحالي ۽ بهتري کي عالمي مالياتي ادارن ۽ ريٽنگ جي ادارن پڻ واکاڻيو آهي، هن ناڻي واڌ ۽ مالي خساري ۾ نمايان گهٽتائي جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافي ۽ پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۽ ڏيساور مان ايندڙ ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي بابت پڻ کيس آگاهه ڪيو، گذريل ڏينهن جاري ٿيل بيان موجب ناڻي واري وزير چيو ته 500 ملين ڊالر جي يورو بانڊز جي ڪاميابي سان جاري ٿيڻ سان پاڪستاني معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿئي ٿي، ناڻي واري وزير آمريڪي عهديدار کي يقين ڏياريو ته پاڪستان توانائي ۽ ترقي وارن شعبن ۾ سڌارن جو عزم ڪيو آهي، آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري راسڪن ناڻي واري وزير کي يورو بانڊز جاري ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ان سان پاڪستان جي معيشت تي سيڙپڪارن جي گهري اعتماد جو اظهار ۽ پاڪستاني معيشت جي رخ جو اندازو ٿئي ٿو، هن چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *