ناڻي واري وزارت صوبن کي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ هڪ ارب 29 ڪروڙ جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وزارت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي مطابق  صوبن جي لاءِ هڪ ارب 29 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيندڙاجلاس ۾ صوبن کي ترقياتي ڪمن  جي مد ۾ هڪ ارب 29 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران اهڙو فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو،جاري ڪيل پسئن مان پنجاب کي 27 ڪروڙ،سنڌ کي 20 ڪروڙ،ڪي پي ڪي کي 31 ڪروڙن کان وڌيڪ ملندا،جڏهن ته بلوچستان کي 50 ڪروڙ 23 لک رپيا انهيءَ پئسن مان ملندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *