ناڻي صلاحڪار مراد علي شاهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پي ايس 3 7 مان ضمني چونڊ وڙهندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي ناڻي صلاحڪار مراد علي شاهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، مراد علي شاهه استعيفيٰ بعد اباڻي علائقي سيوهڻ شريف مان سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 3 7 مان ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندو، مراد علي شاهه جا قائم علي شاهه جي جاءِ تي سنڌ جو نئون وڏو وزير بڻجڻ جاامڪان. تفصيل موجب پيپلزپارٽي طرفان جوان وڏي وزير کي آڻڻ تي ويچار بعد وڏ وزارت جي اميدوار وڏي وزير جي ناڻي صلاحڪار مراد علي شاهه جمعي ڏينهن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. مراد علي شاهه 9 2 نومبر تي اباڻي علائقي سيوهڻ شريف مان ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندو، مراد علي شاهه پي ايس 3 7 سيوهڻ شريف ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته قانون تحت پنهنجو عهدو رکي سگهان پيو پر چونڊن ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني آهي. ياد رهي ته ان کان پهريان عدالت مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت تي سندس سيٽ خالي قرار ڏني هئي. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته قائم علي شاهه جي بطور وڏو وزير ڪارڪردگي کي هاڻوڪي ڏينهن ۾ ڪڙي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن بعد اهي خبرون سامهون آيون ته پيپلزپارٽي جي قيادت وڏي وزير جي تبديلي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد اوچتو پي ايس 3 7 تان پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبر عبدالنبي شاهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جيڪا اسپيڪر انهيءَ ڏينهن منظور ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد مراد علي شاهه جيڪو ٻٽي شهريت سبب پهرين پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي رڪنيت ڇڏي چڪو هو اعلان ڪيو ته هن پنهنجي ٻٽي شهريت ڇڏي ڏني آهي ۽ ان جو سرٽيفڪيٽ به کيس ملي چڪو آهي. مراد علي شاهه کي پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو تمام گهڻو اعتماد حاصل آهي ۽ سندس والد عبدالله شاهه به پيپلزپارٽي جي ٻئي دور ۾ سنڌ جو وڏو وزير رهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *