ناڪامي جو اعتراف، ملڪي معيشت کي خطرو آهي: حفيظ شيخ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ اقتصادي سروي رپورٽ ۾ 19-2018 پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي معيشت کي خطرو آهي، ان جي مضبوطي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اقتصادي جائزي واري رپورٽ پيش ڪندي حفيظ شيخ ٻڌايو ته وڏي عرصي کان ملڪي وسيلن تي ڌيان نه ڏنو ويو، ماضي جي حڪومتن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ۽ موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليو ته معيشت تباهه هئي پر معاشي استحڪام لاءِ هاڪاري قدم کڻي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جو هدف 6.2 سيڪڙو هو پر معاشي ترقي جي شرح 3.3 سيڪڙو رهي، هلندڙ مالي سال زرعي شعبي جي شرح 0.85 سيڪڙو رهي، جڏهن ته زرعي شعبي جي شرح جو هدف 3.8 سيڪڙو هو. اقتصادي سروي رپورٽ موجب وڏن فصلن جي گروٿ 3 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ ناڪاري 6.55 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ٻين فصلن جي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 1.95 سيڪڙو رهي. اهڙي ريت ڪاٽن جننگ جي شعبي جي گروٿ 8.9 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ ناڪاري 12.74 سيڪڙو رهي، لائيو اسٽاڪ جي شعبي 4 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪئي، ان شعبي جي گروٿ جو هدف 3.8 سيڪڙو هو.  مهاڻن جي شعبي جي ترقي جي شرح 0.79 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ان شعبي جي ترقي جو هدف 1.8 سيڪڙو هو، صنعتي شعبي جي ترقي جي شرح 7.6 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 1.40 سيڪڙو رهي. کاڻ جي شعبي جي گروٿ ناڪاري 1.96 سيڪڙو رهي، ان شعبي جي گروٿ جو هدف 3.6 سيڪڙو هو، ننڍي صنعتن جي گروٿ هدف موجب 8.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته تعميراتي شعبي جي ترقي جي شرح 10 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 7.57 سيڪڙو رهي. خدمتن جي شعبي جي ترقي جي شرح 4.71 سيڪڙو رهي پر خدمتن جي شعبي جي ترقي جو هدف 6.5 سيڪڙو هو، ڪنفيڪشنري ۽ پرچون جي ڪاروبار جي ترقي جي شرح 3.11 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، انهن شعبن جي ترقي جو هدف 7.8 سيڪڙو هو. ٽرانسپورٽ اسٽوريج ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ 3.34 سيڪڙو جي شرح سان گروٿ ٿي، انهن شعبن جي ترقي جو هدف 4.9 سيڪڙو مقرر هو، فنانس اينڊ انشورنس جي شعبن ۾ ترقي جي شرح جو هدف 7.5 سيڪڙو مقرر هو پر انهن شعبن ۾ ترقي جي شرح 5.14 سيڪڙو رهي. هائوسنگ سروسز جي شعبي ۾ هدف موجب چار سيڪڙو جي شرح سان ترقي ٿي، عمومي سرڪاري خدمتن جي شعبن ۾ ترقي جي شرح 7.99 سيڪڙو رهي، انهن شعبن ۾ ترقي جي شرح جو هدف 7.2 سيڪڙو مقرر هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *