نادرا 73 تڪن جي فرانزڪ رپورٽ جوڊيشل ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نادرا 73  تڪن جي فرانزڪ رپورٽ جوڊيشل ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. نادرا ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن ۾ جمع ڪرايل رپورٽ 8 هزار کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل آهي، ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزاده جوڊيشل ڪميشن ۾ پهرين ٻڌڻي جي موقعي تي اهو مطالبو ڪيو هو ته نادرا 73  تڪن جي فرانزڪ رپورٽ ناهي ڏئي رهيو جنهن تي جوڊيشل ڪميشن نادرا کي اها هدايت ڪري ڇڏي هئي ته آڱوٺن جي تصديق جو رڪارڊ ٽن ڏينهن اندر ڪميشن ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن تي نادرا جي حڪام اها رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *