نابالغ حڪومت کي سمجهه ناهي، پوري قوم فوج سان گڏ آهي، ڀارت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نيب جو مقابلو ڪنداسين، گرفتارين سان اسان جو گهرو تنگ نه ٿيندو، جيل اسان جو ٻيو گهر آهي. اسلام آباد ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايئن هر دور ۾ ٿيندو رهندو آهي، هميشه پنهنجن ئي اسان سان دوکو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ ججن جي پگهار ۾ 3 کان 4 سيڪڙو وڌائي، سٺن وڪيلن ۽ ججن کي عدالتي شعبي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسپيڪر کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مون کي جيل وڃڻو پوي ته سڀني کي خبر آهي ته اهو شروع کان ئي منهنجو گهر آهي، ڪو مسئلو ۽ ڏک ناهي، بلاول منهنجو ۽ پنهنجي ماءُ جو پٽ آهي، ان کي ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، ڊڄاريو انهن کي جن ڪجهه نه ڏٺو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته هن وقت هنگامي حالتون آهن ۽ معاملو نهايت اهم موڙ تي پهچي ويو آهي، اسان پنهنجي دور ۾ ممبئي حملن کانپوءِ صورتحال کي سفارتي سطح تي حل ڪيو.  هن چيو ته هن وقت نالابالغ حڪوت کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل سياست نه ٿو سمجهي، تنهن ڪري مسئلو وڌي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته  قوم کي پڪ ڏياريان ٿو ته ڀارت اڳرائي ڪئي ته سموري قوم گڏ هوندي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ پنهنجي فوجي ڀائرن سان گڏ هوندي ۽ ڄمي ڀارت جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان ڪيتري ئي وقت کان اڪيلائي جو شڪار آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف حڪومت اچڻ بعد وڌيڪ اڪيلائي جو شڪار آهي، اها اڪيلائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته گهڻو ٿي ويو، هاڻي حڪومت کي وڌيڪ وقت نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *