نااهلي ڪيس: ڪهڙي بنياد تي عمران خان جي سرٽيفڪيٽ کي ڪوڙو چئون: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال اٿاريو ته ڪهڙي بنياد تي عمران خان جي سرٽيفڪيٽ کي ڪوڙو چئون تنهن هوندي ان حد تائين متفق آهيون ته پرڏيهي فنڊنگ نٿي وٺي سگهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌڻي ٽي رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي جي وڪيل ارم شيخ جواب الجواب دليل ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف طرفان پرڏيهين ۽ ڪمپنين مان ملندڙ فنڊنگ لڪائي وئي، عدالت  اهو رستو نه روڪيو ته فلڊ گيٽ کلي ويندو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پرڏيهي پيسي جو دروازو بند ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهي. وڪيل اڪرم شيخ چيو ته دهشتگردين کي به پرڏيهي فنڊنگ ٿيندي آهي، پرڏيهي پيسي جو دروازو بند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، آمريڪا ۾ ويهي به پاڪستاني شهري وفاداري جا پابند هوندا آهن جڏهن ته عدالت به ملڪ جي تحفظ جو حلف کنيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڳالهه فنڊنگ جي ٿي رهي آهي سازش جي نه، منع ڪيل فنڊنگ جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر فنڊن ۾ ڪيترو منع ٿيل آهي ۽ ڪيترو منع نه ٿيل اهو ڪيئن ڏسجي. حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف طرفان فنڊنگ وڌيڪ ورتي وئي ۽ گهٽ ڏيکاري وئي جڏهن ته ڪمپني جي معاهدي ۾ لکيل آهي ته فنڊ پي ٽي آءِ جي سرگرمين تي خرچ ٿيندا، ڪمپني معاهدي ۾ منع ڪيل فنڊنگ نه وٺڻ جو ذڪر ناهي، عوام عدالت جو 28 جولاءِ جو فيصلو به ڏسي رهي آهي. جسٽس عمر بنديال چيو ته ڇا ڪٿي لکيل آهي ته سمورا فند پاڪستان موڪلڻ لازمي آهن جڏهن ته دستاويزن ۾ واضع لکيل آهي ته فنڊ پاڪستانين کان ورتا ويا جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته هن وقت تائين فنڊن جي نوعيت جو جائزو ناهي ورتو ويو، ملندڙ هڪ هڪ فنڊ جو جائزو وٺڻو پوندو. حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي ۽ تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو اختيارن وارو دائرو  تسليم ناهي ڪندي انهيءَ ڪري سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اختيارن جي دائري جو فيصلو عدالت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *