نااهلي ڪيس، عمران خان ٻڌائي ته لنڊن فليٽس جون ادائيگيون ڪيئن ٿيون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان لنڊن فليٽس جي ملڪيت تسليم ڪري ٿو ته ٻڌائي ادائيگيون ڪيئن ڪيون ويون؟ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ عمران خان جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي پڇاڻي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته  اليڪشن ڪميشن جي جواب تي جواب الجواب جمع ڪرايو ويو آهي، پرڏيهي فنڊنگ بابت اڌ رڪارڊ ملي ويو آهي، رڪارڊ ملندي ئي هڪ هفتي۾ جمع ڪرايو ويندو جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته انور منصور کي جواب جمع ڪرائڻو هو، کين عدالتي حڪم تي عملدرآمد سان ڪم آهي، آگسٽ ۾ ڪجهه ججن کي پرڏيهه وڃڻو آهي، جج پنهنجي 10 هفتن جي موڪلين کي گهٽ ڪري 2، 2، هفتن ۾ موڪلون ڪري رهيا آهن، چاهين ٿا ته هي ڪيس جلد ختم ٿي وڃي ته جيئن ڪيس به ٻڌي سگهن. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل چيو ته سندس عمران خان ۽ انور منصور سان ڳالهيون ٿيون آهن، انور منصور هارٽ سرجري لاءِ اسپتال ۾ آهي، هو علاج کانپوءِ 27 جولاءِ تي واپس اچي سگهي ٿو. هن چيو ته عدالت ڪرڪيٽ جي آمدني بابت آبزرويشن ڏني لنڊن فليٽس جي ڪرڪيٽ جي آمدني مان خريداري تي ڪنهن اعتراض نه ڪيو آهي. عمران خان جي وڪيل جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *