ناانصافي، اڻ برابري ۽ غربت سبب پاڪستاني ٻار سمورين سهولتن کان محروم آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ناانصافي، اڻ برابري ۽ غربت سبب پاڪستاني ٻار کوڙ سارين سهولتن کان وانجهيل آهن، هڪ قوم طور اسان کي پنهنجن ٻارن کي انصاف صحيح ورتاءُ، برابري ۽ پرامن ماحول ڏيڻ لاءِ غير معمولي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ٻارن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪنداسين، ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته انسانن جو سڀ کان قيمتي اثاثو سندن ٻار هوندا آهن، هن چيو ته والدين سان گڏ ٻارن کي بهتر تعليم ۽ علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي اهم ذميواري آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو ئي هئي جنهن پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻارن لاءِ پوليو ويڪسين شروع ڪئي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران اسٽريٽ چلڊرين سميت سمورن ٻارن جي ڀلائي لاءِ قانونسازي سٺو عمل آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي هر ٻار ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو بڻجڻ جي صلاحيت آهي رڳو کين بهتر ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻارن جي ڀلائي پ پ جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلاول ڀٽو چيو ته سڄي دنيا ۾ ٻارن جي ڏينهن جي احتمام سان ظاهر آهي ته پاڪستان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي بهترين ۽ صحتمند بڻائڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *