نائين زيرو تي ڇاپي جي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو رد، ڪنهن کي ڀت سان نه پيا لڳايون: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌي نثار علي خان چيو آهي ته دهشتگردن لاءِ سرزمين تنگ ڪري ڇڏي آهي ۽ اهي بدحواسي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ مسجدن، امام بارگاهن، اسڪولن ۽ گرجا گهرن جهڙن آسان ٽارگيٽس کي نشانو بڻائي رهيا آهن، وزارت سنڀاليم ته ڇهه کان 8 ڌماڪا سڄي ملڪ ۾ روز ٿيندا هئا، انهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، وزارت جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون، رڪارڊ مڪمل ٿيڻ تائين کاتي جو قبلو درست نه ٿيندو.  اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چوڌري نثار چيو ته کاتي جي ڪارڪردگي بابت ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ هو لاهور سانحي تي ڳالهائيندو. هن چيو ته لاهور سانحو بدترين دهشتگردي ۽  غير انساني فعل آهي، دنيا جي ڪنهن مذهب ۾ اهڙن واقعن جي اجازت نه آهي، ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ۽ وري به چوان ٿو ته ان دهشتگردي جو مقصد پاڪستان ۾ فرق پيدا ڪرڻ ۽  پاڪستاني قوم کي ورهائڻ،  نفرت ۽ مايوسي پيدا ڪرڻ آهي. چوڌري نثار علي خان چيو ته دهشتگردي جي جنگ آسان ڪم نه آهي، گذريل 13 سالن کان پاڪستان تي اها جنگ مڙهيل آهي ۽ جڏهن به قومن تي جنگ مڙهي ويندي آهي ته ٻه طرفا نقصان ٿيندا آهن. هن چيو ته وزارت جي چارج سنڀالڻ وقت ڇهه کان سات- اٺ ڌماڪا سڄي ملڪ ۾ روزانو ٿيندا هئا، جن ۾ گهٽتائي آئي آهي، پختي ارادي، اتفاق ۽ اتحاد سان دهشتگردي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته دهشتگردن لاءِ سرزمين تنگ ڪري ڇڏي آهي ۽ اهي هاڻي وائڙائپ جو شڪار ٿي آسان حدفن کي  نشانو بڻائي رهيا آهن، امام بارگاهن، مسجدن، چرچن ۽ اسڪولن تي حملا  آسان ٽارگيٽ آهن، اها دهشتگردن جي  بدحواسي آهي.  چوڌري نثار قوم کي اپيل ڪندي چيو ته دهشتگردن جي نئين پاليسي خلاف سينو ساهڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته پنهنجي ملڪ جي خلاف نه پر دهشتگردن خلاف اٿي بيهجي.  گهرو کاتي جي ڪارڪردگي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهه ڪندي چوڌري نثار چيو ته هـُن ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته وفاق جي هن اهم ترين وزارت کي قومي مفاد ۾ هلايو وڃي. چوڌري نثار چيو ته ڪو به عقلِ ڪُل نه هوندو آهي، کانئس غلطيون ٿيون هونديون پر هن کاتي جي ڪارڪردگي کي پنهنجي هٿ سان سهيڙيو آهي ۽ جيڪي تفصيل هو ڪميٽي آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهي سندس ذاتي محنت سان گڏ ٿيا آهن. هن چيو ته هو پنهنجي کاتي جي  جيڪا ڪارڪردگي بيان ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ان لاءِ ميڊيا سميت سڀني ڌرين کي دعوت ڏئي ٿو ته اهي سندس رپورٽ جي جاچ ڪن، تجزيو ڪن ۽ پوءِ فيصلو ڪن. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته هو روزاني بنيادن تي صوبائي گهرو وزارتن، داخلي معاملن بابت واڳيل ادارن، 6 کان 7 حاضر سروس جنرلز سان رابطي ۾ ايندو آهي، جڏهن وزارت سنڀالي ته ڪيترن ئي اهم ڪيسن جو ڪو رڪارڊ ئي نه هو، ڪيترن عالمي معاهدن جون فائيلون به غائب هيون. چوڌري نثار چيو ته هن سڀ کان پهريان گهرو وزارتن جي عملدارن جي پرڏيهي سفارتڪارن جي دعوت ۽ پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي ۽ کاتي جو 8 مهينن اندر رڪارڊ به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرايو پر اهو ڪم اڃا مڪمل ناهي ٿي سگهيو. چوڌري نثار چيو ته هالت اهڙي آهي جو کيس  برطانوي جي انصاف واري وزير خط لکي 2007 ۾ قيدين جي مٽا سٽا بابت ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل معاهدو معطل ختم ڪرڻ جي آگاهي ڏني، برطانيه جي انصاف واري وزير جو چوڻ هو ته قيدين جي مٽا سٽا واري انهيءَ معاهدي تحت 2010 ۾ پاڪستان کي خون جي ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ 2 ۽ 20 سال قيد جي سزا يافته هڪ قيدي ڏنوسين، جن کي ٻن مهينن ۾ آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته پاسپورٽ کاتي وٽ 5 لک ڪيس التويٰ هيٺ هئا، جن کي رڳو اڍائي مهينن اندر اڪلايو ويو، جڏهن ته اي سي اي واري معاملي کي به سياسي کان پاڪ ڪري هڪ ادارو بڻايو ويو آهي. چوڌري نثار چيو ته ملڪ اندر بليو پاسپورٽ انساني اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿيا، جن ۾ ڪجهه ماڻهو ن ليگ جا به ملوث هئا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪراچي آپريشن تي ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪيا ويندا پر ڏوهاري ڪنهن به جماعت سان واسطو ڇونه رکندا هجن،سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرو وزير چوڌري نثار جي بريفنگ دوران متحده ايم اين اي آصف حسنين نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي خلاف احتجاج ڪيو. آصف حسنين چيو ته رينجرز سندن لاءِ احترام لائق آهي، غير قانوني هٿيار رکڻ وارا الزام بي بنياد آهن. متحده ايم اين اَي چيو ته چيو ويو ته ڇاپي دوران غير قانوني هٿيار ۽ ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته پڪڙيل ماڻهن کي عدالت ۾ جنگي قيدين جيان آندو ويو. آصف حسنين چيو ته اڄ هنن سان زيادتي ٿي آهي، سڀاڻي ڪنهن ٻئي سان به اهڙو سلوڪ ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته متحده اڳواڻ عامر خان کي به حراست ۾ ورتو ويو، نيٽو جا هٿيار رکڻ وارا الزام غلط آهن. هن چيو ته ڪراچي جي حالتن تي کين ڳڻتي آهي، آپريشن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪو به بندوبست ناهي ڪيو ويو ۽ هن سميت ٻين ايم اين ايز جا فون ٽيپ ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪراچي آپريشن تي ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪيا ويندا پر ڏوهاري ڪنهن به جماعت سان واسطو ڇونه رکندا هجن،سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چوڌري نثار چيو ته ڪراچي آپريشن جو مقصد ڪنهن جماعت کي ڀت سان لڳائڻ نه پر ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آهي جڏهن ته آپريشن سڀني جماعتن جي حمايت سان شروع ڪيو ويو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي سياسي جماعت آهي هــُو احترام جي نظر سان ڏسن ٿا، آصف حسنين جي اٿاريل اعتراضن جي جاچ ڪرائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *