نائين زيرو تان گرفتار ماڻهو نفرت ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير واري پروگرام جا منتظمين آهن: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نائين زيرو تي ڪارروائي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ بلال اڪبر چيو آهي ته نائين زيرو تان گرفتار ماڻهو نفرت واري تقرير واري پروگرام جا منتظمين آهي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم قمر منصور ۽ ڪيف فلوري کي گرفتاري ڪيو ويو نائين زيرو تي ڪارروائي جي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڊي جي رينجرز عوام رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجو بيان جاري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ترجمان رينجرز پنهنجي بيان ۾ رابطا ڪميٽي جي اڳوڻن ۽ موجوده انچارجز جي گرفتاري جي تصديق ڪندي نائين زيرو تي ڪارروائي تي عزيزآباد ۾ سرجيل آپريشن جو نالو ڏنو ۽ وڌيڪ چيو ته قمر منصور ۽ ڪيف فلوري نالي ماڻهو حراست هيٺ آهن ترجمان رينجرز مطابق ڪارروائي رينجرز آفيسرن ۽ جوانن جي خلاف نفرت ڏياريندڙ تقرير ۽ شهر جو امن خراب ڪندڙن جي خلاف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *