نائن زيرو تي ڇاپو، رينجرز پڪڙيل ڏوهارين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپا مار ڪارروائي دوران پڪرتل جوابدارن سميت شڪي ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي وئي جن ۾ هڪ ٽارگيت ڪلر ۽ ولر بابر قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار به شامل آهي، سنڌ رينجرز جي ترجمان ڪرنل طاهر مطابق گرفتار ماڻهن ۾ فيصل موٽا، شبير عرف ملا، عامر ، نادر، عبيد ڪي ٽو شامل آهن جڏهن ته ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، ترجمان ٻڌايو ته فيصل موٽ نجي ٽي وي چينل جي صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾ ملوث آهي ۽ ان کي موت جي سزا ٿي چڪي آهي جڏهن ته نادرا هڪ ٽارگيٽ ڪلر آهي جنهن کي 13 سال سزا ٻڌائي وئي آهي ترجمان ٻڌايو ته خورشيد بيگم ميموريل هال ۾ به آپريشن ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *