نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي جو الزام ن ليگ تي لڳائڻ افسوس جي قابل آهي: راجا ظفرالحق

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راجا ظفرالحق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي جو الزام مسلم ليگ ن تي لڳائڻ افسوس جي قابل آهي رينجرز طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي تي ردعمل جو اظهار ڪندي راجا ظفرالحق چيو ته مسلم ليگ ن جو رينجرز جي ڇاپي سان ڪوبه تعلق ناهي، ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ٽارگيٽيڊ آپريشن بنا فرق جاري آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن طرفان اهڙي صورتحال ۾ سياسي بالغ نظري جو مظاهرو ڪرڻ بجاءِ ڇاپي جو الزام مسلم ليگ ن لڳائڻ افسوس جي قابل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *