نائن زيرو تي آپريشن ڏوهاري عنصرن خلاف هو، ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص رينجرز جي فائرنگ ۾ ناهي مئو: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي جو امن خراب ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته نائن زير و تي آپريشن ڏوهاري عناصرن خلاف آهي ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص رينجرز  جي فائرنگ ۾  ناهي مئو. ڊي جي رينجرز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آپريشن ڪنهن مخصوص گروپ خلاف نه  پر ڏوهارين خلاف آهي. هن رينجرز عملدارن کي حڪم ڏيندي چيو ته ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽  شهرين کي ڪوبه  ڌمڪي ڏئي ته 1101 تي اطلاع ڏنو وڃي. ڊي جي رينجرز چيو ته نائن زيرو تي آپريشن ڏوهاري عناصرن خلاف آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وقاص جو موت رينجرز جي فائرنگ سبب ناهي ٿيو. ڊي جي رينجرز چيو وقاص جو موت 9 ايم ايم پسٽل سبب ٿيو آهي ۽ رينجرز پسٽل استعمال نه ڪندي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *