نائب ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد لانئون لهي ورتيون

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ جي نائب ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد لانئون لهي ورتيون، شاديءَ جي تقريب ڌام ڌوم سان ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري. ڪرڪيٽ ڪِٽ بدران شيرواني، مٿي تي هيلميٽ جي جڳهه تي ڳاڙهو پٽڪو، اهو آهي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نائب ڪپتان سرفراز احمد. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جا پويلين کان ڪريز تي اچڻ وارا منظر ته نوان ناهن پر اڱاري ڏينهن هن زندگيءَ جي نئين اننگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سرفراز احمد جي شادي مقامي هال ۾ خوشبخت اختر سان ٿي. جنهن ۾ سرفراز احمد جي ويجھن دوستن ۽ مائٽن شرڪت ڪئي. هاڻي شاديءَ کان پوءِ ٿيندڙ دعوتن سان گڏوگڏ سرفراز احمد ڪرڪيٽ مصروفيتون به نڀائي رهيو آهي ۽ لاهور ۾ زمبابوي خلاف ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچن جي لاءِ به حاضر هوندو، جنهن کان پوءِ 25 مئي تي وليمي جي تقريب ڪراچيءَ ۾ رٿي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *