نئين ڪابينا کي معشت کي بهتر ڪرڻ وارو ڪم ڏنو ويو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين ڪابينا کي معشت کي بهتر ڪرڻ وارو ڪم ڏنو ويو آهي ۽ وزيرن کي عوام جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته وزير اعظم چين کان آزاداڻي واپار جو معاهدو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم جو ايران جو دورو نهايت مثبت رهيو، پاڙيسري ملڪ ايران سان مذهبي ۽ سماجي رشتا آهن.

سندس چوڻ هو ته ايران سان لاڳاپن ۾ ڪجهه ماڻهو غلط فهميون وجهڻ چاهن ٿا جنهن جو تدارڪ ضروري هو ۽ ان حوالي سان اِهو دورو انتهائي اهم هو، ايران ۽ پاڪستان گڏجي خطي جي امن ۽ مضبوطي کي وڌيڪ مضبوط ڪندا.

سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) سان ايران به سلهاڙيل هوندو ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي.

وزير اعظم جي چين جي دوري بابت منصوبابندي تي ڳالهائيندي هن چيو ته واپار واري صلاحڪار ڪابينا کي وزير اعظم جي چين جي دوري بابت آگاهه ڪيو آهي جتي ساڍا چار سئو واپاري ماڻهن جو وفد چيني فورم ۾ شرڪت ڪندو.

هن چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ مقامي انڊسٽري کي تحفظ فراهم ناهي ڪيو ويو ۽ چين طرفان ان کان پهرين مقامي صنعت کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڳالهه تي به اختلاف راءِ هو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٻين ملڪن جيان پاڪستان چين سان آزاداڻي واپار جو معاهدو ڪندو.

ڪابينا اجلاس جي ڪارروائي بابت آگاهه ڪندي سندس چوڻ هو ته دوائن جي اگهن تي صحت بابت خاص مددگار ڪابينا کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ هن ڪيترين ئي دوائن جي اگهن کي واپس پراڻي سطح تي آڻڻ جون تجويزون ڏنيون آهن.

هن چيو ته جن ڪمپنين اگهه وڌائي فائدا حاصل ڪيا انهن مان اِها رقم وصول ڪري بيت االمال جي صحت فنڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

مهانگائي جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪابينا کي مهانگائي تي به بريفنگ ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ٿينديون ۽ مصنوعي مهانگائي پيدا نه ٿيڻ ڏينداسين.

وفاقي حڪومت جي نئين معاشي ٽيم جو حوالو ڏيندي سندس چوڻ هو ته معاشي ٽيم کي هدف ڏنا ويا آهن ته معيشت ۾ مثبت تبديلون اچڻ گهرجن ۽ لاڳاپيل وڏن وزيرن کي به هدايت ڏني وئي آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي سهولتون ڏنيون  وڃن.

هن چيو ته مهانگائي وڏو چيلينج آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مختلف بندوسبتن تي غور ڪيو ويو، ضرورتن جي شين جي اگهن تي ڪرڙي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مڊل مين جو ڪردار ريگوليٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڄاڻان ٿي ته بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائڻ سان عوام تي بار وڌي ويو آهي ۽ وزير اعظم کي به عوام جي تڪليف ۽ سور جو احساس آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ شروعاتي 8 مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي.

عمر ايوب کي پيٽروليم وارو چارج ڏيڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي سندس چوڻ هو ته گيس ڪمپنين جو خسارو ڏيڍ سئو ارب رپيا هو.

هن چيو ته درآمدات ۽ برآمدات جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان کان سواءِ ايمنسٽي اسڪيم کي سنواريو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *