نئين پاڪستان جي شروعات پنجاب کان ڪرڻ جو اعلان، وڏو وزير نوجوان هوندو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏ وزارت نوجوان جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهو نوجوان ڪلين هوندو ۽ ان تي ڪو به سوليا نشان نه هوندو. اسلام آباد جي مقامي هوٽل تحريڪ انصاف جي پنجاب پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مشڪل چونڊ وڙهڻ تي سڀني کي واڌايو پيش ڪيان ٿو ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي ته اصل پاڻي پت جي جنگ پنجاب ۾ وڙهي ويندي. هن چيو ته منهنجي لاءِ وڏو عذاب ٽڪيٽ ڏيڻ هو ۽ اسان کي ٽڪيٽ ڏيڻ واري عمل کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو آهي، جتي اسان جي ڪمزوري آهي ان تڪ ۾ به ڪم شروع ڪرڻو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان کي پارٽي کي هڪ ادارو بڻائڻو آهي، هي ڪا عام پارٽي ناهي جتي سفارش هلي، سڀ کان وڌيڪ ذميداري پنجاب وارن تي آهي. هن چيو ته ٻن قسمن جي سياست آهي، هڪ اها ذاتي سياست جنهن ۾سياستدان پيسو ٺاهڻ ايندا آهن ۽ ذاتي سياست سياستدانن کي ذلت ۽ خواري ڏني آهي ڇاڪاڻ ته ذاتي سياست ۾سياستدان عوام جو نالو وٺي اقتدار ۾ اچي پنهنجي ذات جو سوچيندا آهن، ٻئي سياست اها آهي جيڪا پيغمبرن جي آهي ۽ پيغمبر انسانيت لاءِ بهيندا آهن جڏهن ته مان ماڻهن سان واعدو ڪري آيو آهيان ته ملڪ کي مديني جهڙي رياست بڻائيندس.  پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته انصاف ميرٽ تي ڪرڻو آهي، مان فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد لاءِ ڪندس، توهان عوام جي پيسي کي الله جي امانت سمهجڻو آهي ۽ قوم جو پيسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي فلاح تي خرچ ڪري سگهجي. عمران خان چيو ته پنجاب ۾ اسان کي ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻو آهي انڪري سڀ تيار رهو،  نئين پاڪستان جي شروعات پنجاب کان ئي ٿيندي، پنجاب جي ماڻهن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مفلسي واري زندگي گذاري آهي، اسان کي پنجاب جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻو آهي جڏهن ته پنجاب پوليس ۾ ڪي پي پوليس وانگر بهتري آندي ويندي ۽ پنجاب پوليس کي غير سياسي ۽ خود مختيار بڻائينداسين. تحريڪ انصاف جي چيئرمين ٻڌايو ته پنجاب جي وڏوزارت لاءِ نئون نوجوان اڳتي آڻي رهي آهيان هي نوجوان ڪلين هوندو جنهن ڪنهن قسم جو ڪو به سوليان نشان نه هوندو توهان سڀ ان نوجوان کي سپورٽ ڪيو،  مان نوجوان کي تجربيڪار ڪابينا جي ٽيم ۾ آڻي رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *