نئين پاڪستان جو خواب ڪراچي کانسواءِ پورو نٿو ٿي سگهي: عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جو ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه عائشه منزل تي ڀرپور طاقت جو مظاهرو، جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت. جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هڪ سيٽ کٽڻ سان تحريڪ انصاف کي ڪوبه فرق نه پوندو پر رينجرز جي موجودگي ۾ 23 اپريل تي ڏسون ٿا ته ايم ڪيو ايم کي ڪيترا ووٽن ٿا پون. عائشه منزل تي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته هندوستان مان هجرت ڪري ايندڙن ڪراچي شهر کي ٺاهيو يو ۽ محنت ۽ جدوجد سان اُهي سب تيزي سان مٿي ويا، فوج، ڪرڪٽ، هاڪي، بيوروڪريٽس سميت هر شعبي ۾ مهاجر سڀ کان اڳتي هئا پر کين ڇا ٿيو، 1985 تائين جيڪو شهر ملڪ کي ليڊرشپ ڏيندو هو اُن کي ڇا ٿي ويو، اُهو شهر جتي سڄي پاڪستان ماڻهو نوڪرين جي ڳولا ۾ ايندا هئا، جڏهن کان مهاجرن جي نالي تي سياست ٿي اُن کانپوءِ مهاجرن جون صلاحيتون مٿي وڇڻ بجاءِ هيٺ اچي ويون. عمران خان چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي جيڪڏهن هتي امن نه ٿيندو ته ملڪ اڳتي نه وڌندو جيڪڏهن امن نه هوندو ته سرمائيڪار پاڪستان ۾ نه ايندا، ڪراچي ۾ وڏا وڏا سرمائيڪار رهن ٿا اُنهن کان پڇو ڇو اُهي ٻاهر وڃي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن الطاف حسين جي تقرير ٻڌي، ڪڏهن الطاف حسين سنجيده ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن روئڻ شروع ڪري ڏي ٿو. ڪڏهن مذاق ڪري ٿو ته ڪڏهن گانا شروع ڪري ڏي ٿو، مون ريحام خان کي چيو ته هي اُهو شهر آهي جتي سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهو رهندا هئا اُهي اُها تقرير ڪيئن ٻڌي رهيا آهن. دنيا ۾ ڪابه اهڙي مثال ناهي ته 23 سال تائين ليڊر باهر ويٺل هجي ۽ سندس پارٽي حڪومت ۾ ويٺل هجي. عمران خان چيو ته اين اي 246 جي ماڻهن کي چوان ٿو ته ڪراچي جي مستقبل جي فيصلن لاءِ 23 اپريل تي گهرن مان ٻاهر نڪري ووٽ ڏيڻو آهي. مجلس وحدت المسلمين اسان جي حمايت ڪئي جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان. اين اي 246 ۾ رهندڙ اسماعيلن کي به چوندس ته اُهي 23 اپريل تي ٻاهر نڪرن ۽ اسانجو ساٿ ڏين. ارُدو ڳالهائيندڙن کي به اپيل آهي ته اُهي اسان جو ساٿ ڏين.  ان کان اڳ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته جڏهن ڪراچي ڳالهائيندو آهي ته پاڪستان ٻڌندو آهي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر تحريڪ ڪراچي کان شروع ٿي پر هاڻي شهر جي سياست تحريڪن کي محدود ڪري رکيو آهي، پاڪستان ايوب خان جي جهولي ۾ ۽ ڪراچي محترمه فاطمه جناح سان گڏ هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل 3 ڏهائين کان ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ آهي ۽ موجوده حالتن جي ذميوار به اُها ئي آهي. جلسي کي خطاب ڪندي اين اين اي 246 جي اميدوار عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته مخالف هاڻي ڪراچي بند ڪري ڏيکارين هاڻي ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا ناهيون، چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم غريبن جي پارٽي آهي پر اُن ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو سرمائيڪار بڻجي ويا جڏهن ته عام چونڊن ۾ کين نبيل گبول اميدوار مليو جيڪو گهر وٺي هڪ لک کان ووٽ ووٽ حاصل ڪيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *