نئين ٽيلنٽ جي ڳولا ۽ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گراس روٽ ليول تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي: يونس خان

مردان(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته نئين ٽيلنٽ جي ڳولا ۽ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گراس روٽ ليول تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح نئين صلاحيت سامهون اچي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان ۾ ڪلچرل جرنلسٽس فورم مردان جي ڊيپي ڪنوينٽر عبدالله شاهه بغدادي سان هڪ ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان سپر ليگ سڄي پاڪستان ۾ ڪرائي وڃي ۽ ان لاءِ گراس روٽ ليول تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. يونس خان چيو ته راندين جي ترقي لاءِ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *