نئين وزير اعظم جي چونڊ، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، مختلف اميدوار ميدان ۾ لٿل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي ٽپهري 3 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪئي ويندي، اسپيڪر قومي اسيمبيل سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي ٽپهري 3 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي، نئين وزيراعظم جي ڊوڙ ۾ مسلم ليگ (ن) جو شاهد خاقان عباسي، پيپلز پارٽي جو خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪشور زهرا، جماعت اسلامي جو صاحب زاده طارق الله ميدان ۾ آهن، وزارت عظميٰ لاءِ سربراهه عوامي مسلم ليگ شيخ رشيد تحريڪ انصاف جو نامزد اميدوار آهي، جنهن کي مسلم ليگ (ق) جي به حمايت حاصل آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي شاهد خاقان عباسي کي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي حمايت حاصل آهي، قومي اسيمبلي ۾ 342 جي ايوان ۾ وزارت عظميٰ جي چونڊ کٽڻ لاءِ سادي اڪثريت يعني گهٽ ۾ گهٽ 172 ووٽن جي ضرورت هوندي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) وٽ ايوان ۾ 188 ووٽ آهن، ان کانسواءِ اتحادين جا ووٽ الڳ آهن، ٻئي طرف اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پيپلز پارٽي جي سمورن ميمبرن کي قومي اسيمبلي جي سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر، شازيه مري ۽ غلام رباني کر کي به پرڏيهه مان گهرايو ويو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ جي سربراهيءَ ۾ اپوزيشن طرفان وزارت عظميٰ لاءِ متفقه اميدوار آڻڻ لاءِ ٿيل اجلاس بي نتيجي ختم ٿيو، جنهن بعد اپوزيشن جماعتون پنهنجو پنهنجون اميدوار کڻي آيون،، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي متفقه اميدوار نه آڻڻ تي اڻڌريو رهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ تي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڳاوڻي وزيراعظم نواز شريف کي وزارت عظميٰ لاءِ نااهل قرار ڏنو هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *