نئين فلم روايتي رومانوي فلم نه هوندي: گوري شندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪاره گوري شندي چيو آهي ته سندس نئين فلم جنهن ۾ شاهه رخ خان ۽ عاليا ڀٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا. روايتي رومانوي فلم نه هوندي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب 41 سالن جي گوريشندي فلم ”انگلش ونگلش“ ذريعي هدايتڪار جي شعبي ۾ قدم رکيو ۽ اهو سندس ٻيو پراجيڪٽ آهي جنهن کي ڪرن جوهر پروڊيوس ڪندو. ان جو نالو اڃان ناهي رکيو ويو. گوري شندي ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارن جي ڪردار کي راز ۾ رکڻ چاهي ٿي پر هن چيو ته اها فلم روايتي رومانوي نه هوندي. هن چيو ته هو خوش قسمت آهي جو شاهه رخ خان ۽ نوجوان اداڪاره عاليا ڀٽ کي ڪاسٽ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *