نئين ديري ۾ تترن جي ٻوليءَ جي ميل، خفتين جي شرڪت

نئون ديرو (ن س) نئين ديري ۾ تترن جي ٻوليءَ جي ميل ٿي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل خفتين حصو ورتو، نئين ديري ۾ سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قمبر، دادو، نوابشاهه، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڄامشورو، مٽياري، خيرپور، نوشهرو فيروز سميت سنڌ جي مختلف شهرن کان خفتي پنهنجي تترن ۽ شوقينن سميت نئون ديرو پهچي ويا. نئون ديرو ٿاڻي جي پٺيان پولٽري فارم ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب ڪيل تتر ٻولي مقابلي جي ٽورنامينٽ راهب ڀٽو پاران ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ هزارين خفتين شرڪت ڪري لکين روپين جون شرطون پڻ لڳايون. تترن جي ٻولين جي مقابلي ۾ هڪ ڪلاڪ اندر جيڪو تتر گهڻيون ٻوليون ٻوليندو، ان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جنهن ۾ سوين تترن مقابلي ۾ حصو وٺي ٻوليون ٻوليون. ان دوران مقرر وقت کان اڳ ۾ ٻوليون بند ڪري ويا جن کي مقابلي کان ٻاهر ڪڍيو ويو. تتر ٻولي ٽورنامينٽ ۾ 175 تترن کي خفتين مقابلي لاءِ ميدان تي لاٿو، جن مان 125 تتر فائنل مقابلي ۾ پهتا. جن مان 12 تترن پهرين کان ٻاهرين تائين نمبر حاصل ڪيا. انهن ۾ لاڙڪاڻي واسي سردار جتوئي جي تتر هڪ ڪلاڪ اندر 270 ٻوليون ٻولي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته باقراڻي جي عاشق مشوري جي تتر 255 ٻوليون ٻولي ٻئي نمبر تي آيو، ڪنڀ واسي لطيف هاليپوٽو جي تتر 239 ٻوليون ٻولي ٽين پوزيشن ماڻي. هوڏانهن ان ٽورنامينٽ ۾ سڪندر علي سوڍر جي نگرانيءَ هيٺ 15 ميمبرن جي فيصلا ڪاميٽي تترن جي ٻولين بابت فيصلا ٻڌايا ۽ ڪامياب تترن جي مالڪن ۾ انعام ورهايا. پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ کي 7 هزار، ٻي پوزيشن ماڻيندڙ کي 5 هزار ۽ ٽين پوزيشن کڻندڙ کي 3 هزار نقد انعام ڏنا ويا. جڏهن ته باقي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ تتر مالڪن کي ٽوپيون ۽ اجرڪ انعا ۾ ڏنا ويا. تترن جي ٻوليءَ مقابلي واري ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر راهب ڀٽو جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو جي نالي سان هي ٻي ٽورنامينٽ ڪرائي آهي، ڪا به جوا ناهي ۽ نه ئي شرط رکيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *