نئين دهلي حڪومت ٻنهي وزيراعظمن ۾ ملاقات چاهي ٿي ته دعوت به پاڻ ڏئي:سرتاج عزيز

نئين دهلي(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته، جيڪڏهن ڀارت چاهي ٿو ته نيوو يارڪ م گڏيل اسيمبلي جي اجلاس ۾  ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ملاقاتون ٿين، ان لاءِ دعوت به سندن کي ڏئڻي پوندي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي  سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان جو موقف بلڪل چٽو آهي ته حريت پسند ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات جاري رهندي.سندس چوڻ هو ته خود ڀارت ۾ حريت پسند اڳواڻن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي حوالي سان سخت رويو اختيار ڪرڻ تي ڪافي سارا سوال اٿي رهيا آهن.سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته ڀارت پاڻ ئي گذريل مهيني قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي سطح جون ڳالهيون ختم ڪيون هيون ،هاڻي ڳالهين جو ٻيو دور به ڀارت کي ڪرڻو پوندو ،جيڪڏهن ڀارت چاهي ٿو ته نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن ۾ ملاقات ٿئي ته دعوت به ڀارت کي ئي ڏئڻي پوندي.پرڏيهي معاملن جي صلاح ڪار سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته ،ڀارت چاهي ٿو ته رڳو دهشتگردي تي ڳالهيون ٿين. پر اسان ڪشمير سوڌو سڀني مسئلن تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا،ياد رهي ته هلندڙ مهيني نيويارڪ ۾ گڏيل اسيمبلي جو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم هڪ ئي هوٽل ۾ رهندا ،پر سياسي گرماگرمي سبب ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ۾ ملاقات جو ڪو به امڪان ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *