نئين بلدياتي نظام تحت چونڊيل نمائندن کي بااختيار بڻايو آهي جيئن مسئلن جي حل ۾ ڏکيائي نه ٿئي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران آندل مقامي حڪومتن جو نئون نظام اصل ۾ انقلاب آڻيندو مقامي حڪومتون قومي قيادت جون نرسريون ثابت ٿينديون تعلقي ۽ ميونسپل سطح تي سڌي چونڊ سان جتي عوام کي اهل ۽ ڪابل نمائندا چوندجڻ جا موقعا ملندا اتي سياسي جماعتون به مضبوط ٿينديون اربع تي وزيراعطم عمران خان جي صدارت هيٺ مقامي حڪومتن جي نئين نظام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرويز خٽڪ، شاهه فرمان، محمود خان، اسد عمر، تيمور سليم جهگڙا شهرام خان ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ پي ٽي آءِ حڪومت پاران آندل مقامي حڪومتن جي نئين نظام تي عمل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نئين نظام تحت مقامي طور تي چونڊيل نمائندن کي بااختيار بڻايو ويو آهي ته جيئن کين مقامي سطح جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ پنهنجن علائقن جي ترقي ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي نه ٿئي هن چيو ته مقامي حڪومتون قومي قيادت جون نرسريون ثابت ٿينديون وزيراعظم چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ نئين نظام تحت ترقياتي فنڊن جي مقامي سطح تي منتقلي سان نه رڳو عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا پر فنڊ بهتر نموني سان ۽ جائز طريقي سان استعمال ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *