نئين ايل اين جي پاليسي تيار ڪري ورتي آهي، جلد اعلان ڪيو ويندو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته نئين ايل اين جي پاليسي تيار ڪري ڇڏي آهي جلد اعلان ڪيو ويندو، ڪاروبار آسانا بڻائڻ لاءِ سڌارن واري پاليسي منظور ڪرائي ويندي، ڪيترن ئي شعبن ۾ صحيح معنيٰ مقابلي وارو ماحول موجود نه آهي، مقابلي جو ماحول پيدا ڪري سيڙپڪاري ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي، پيٽروليم شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ 30 جي لڳ ڀڳ منظوريون گهربل آهن، پيٽروليم ڳولڻ ۽ پيداوار لاءِ 27 نوان بلاڪ متعارف ڪرائي رهيا آهيون، عوام جي آساني لاءِ بلن جي ادائگي جا ڏينهن وڌائي رهيا آهيون، يوٽلٽي بل جاري ڪرڻ جي تاريخ کان 15 ڏينهن ۾ بل جمع ڪرائڻو پوندو، سيپٽمبر کان گيس جي استعمال بابت عوامي جاڳرتا مهم هلائي ويندي، خميس تي عمر ايوب ۽ نديم بابر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سيڙپڪارن لاءِ باقائده روڊ ميپ بڻايو پيو وڃي، توانائي جي وزير عمر ايوب چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار آسان بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن، اسان جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ آهي، نديم، بابر چيو ته جيستائين ملڪ ۾ ڪاروبار نه وڌندو نوڪريون نٿيون وڌي سگهن، هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب سڌارا ۽ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پيٽروليم وزارت ۾ انهن شين تي ڪافي وقت کان ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪاروبار آسان بڻائڻ لاءِ سڌارن جي پاليسي منظور ڪرائي ويندي، هن چيو ته نئين ايل اين جي پاليسي تيار ڪري ورتي آهي، جلد اعلان ڪيو ويندو، هن چيو ته 5 ٻاهرين ڪمپني کي ايل اين جي ٽرمينل لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، هن چيو ته جتان گيس لڀندي ان علائقي کي اوليتي بنيادن تي گيس ڏينداسين، هن چيو ته گيس جي واڌو بلن جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو، هڪ سوال تي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جمعي تي عام موڪل نه هوندي پر سموريون آفيسون ۽ تعليمي ادارا کليل رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *