نئون پاڪستان بنائڻ جو خواب ڏيکارڻ وارن نئون ڪي پي ڪي ڇو نه بڻايو : سعد رفيق/عرفان صديقي

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ نون جي اڳواڻ خوجا سعد رفيق چيو ته نئون پاڪستان بنائڻ جو خواب ڏيکارڻ وارن نئون ڪي پي ڪي ڇو نه بڻايو. ڪي پي ڪي جي اسپتالن جي حالت تمام خراب آهي، خان صاحب جي تقرير ڪوڙ تي ٻڌل هئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جي خراب ڪارڪردگي عمران خان جي خالي دعوائن جا پول کولي ڇڏيا آهن. پي ٽي آئي جواب ڏئي ته ڪي  پي ڪي ۾ سي ايم هائوس جي ڪروڙن سالياني خرچن ۾ گھٽتائي ڇو نه ٿي، هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سچا آهيون ته نٿيا گلي ۾ سي ايم هائوس جي سرڪاري رهائش تي هن وقت تائين هوٽل ۾ ڇو نه تبديل ڪيو. خواجا سعد رفيق چيو ته ڪي پي ڪي ۾ خيبر بينڪ کي فريندڙ پي ٽي آئي موقعو ملڻ  تي قومي ادارن جو خراب حشر ڪندي. ڪي پي ڪي احتساب ڪميشن کي تالا ڇو هنيا ويا آهن. هن چيو ته 310 ايڪڙ جو بني گالا جو محل جو مالڪ صرف ڏيڍ لک انڪم ٽيڪس ڏئي ٿو. عمران خان پاڻ ٽيڪس چور آهي. قوم عمران خان جي ڪنهن به ڪوڙي ڳالهه تي اعتبار نه ٿي ڪري. وزيراعظم جي اڳوڻي صلاحڪار عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آئي آخري تير هلا.ئڻ کانپوءِ هاڻي مصيبت ۾ آهي. عمران خان جي قيادت هاڻي انڌي گھٽي جي انڌي موڙ تائين پهتي آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته عمران خان کي جلدي اندازو ٿي ويندو ته نوازشريف حاضر وزيراعظم، کان وڌيڪ طاقتور آهي، هن چيو ته ليڊر جو فيصلو ڪورٽن ڪچهرين ۾ نه پر عوامي عدالت ۾ ٿيندو آهي. نوازشريف اڄ پنهنجي ايندڙ جدوجھد جو عنوان ٻڌائِي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *