نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت

ڪراچي/لاڙڪاڻو(م.ڊ/اسٽاف رپورٽر)نئون ديرو شگر مل باءِ پاس روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن چنگچيءَ مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچيءَ ۾ ويٺل 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس مارجي ويلن جا لاش ۽ زخميءَ کي نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتي زخميءَ جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو آندو ويو جتي هن به زخمين جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال ۾ موجود چنگچي ڊرائيور مختيار علي صحافين کي ٻڌايو ته آئون روزانو جي معمول جيان لاڙڪاڻي کان سواري کڻي نئون ديرو اچي رهيو هيس ته شگر مل باءِ پاس روڊ سان پاور هائوس وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن چنگچيءَ جو اڳ جهلي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ چنگچيءَ ۾ ويٺل ٽئي ڄڻا رتورت ٿي ويا، آئون ڊڄي ويس مون هنن کي ايلاز منٿون ڪيا پر هنن هڪ به نه ٻڌي. هوڏانهن مارجي ويلن سان ڊنر سيٽ جا ٿانوَ به گڏ هئا، جيڪي چنگچيءَ ۾ پيل هئا،ڊي ايس پي نئين ديري  خان محمد کوسي  جوچوڻ آھي ته جوابدار  چنگچي تي فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ۽ ھڪ ڄڻي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن جڏهن تھ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، کين جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئون ديرو شگر مل ويجھو مزدورن جي قتل جو نوٽس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي قاتلن جي فوري گرفتاريءَ جي ھدايت ڪئي. ھن چيو تھ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ناڪابندي ڪري ڪارروائي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي سان رابطو ڪيو ۽ سندن ھدايت ڪئي تھ قتل ٿيل مزدورن جي وارثن سان رابطو ڪيو وڃي. ھن چيو تھ مزدورن جا مڙھھ سندن ڳوٺن تائين پھچائڻ لاءِ ھر قسم جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن. وڏي وزير چيو تھ اھو ھڪ انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو آھي، جيڪو سنڌ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ھڪ سازش آھي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ رھندڙ ھر شخص چاھي اھو ڪابھ ٻولي ڳالھائيندو ھجي اھو سنڌي آھي ۽ اسانجو ڀاءُ آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ جيڪو بھ سنڌ جي امن کي خراب ڪندو ۽ معصومن جو رت وھائيندو اھو سندس دشمن آھي ۽ انھن دشمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ ڪنھن جو رت وھائڻ ڪٿان جي انسانيت آھي. وڏي وزير ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ھدايت ڏيندي چيو تھ مونکي قاتل گرفتار ڪري انھن تي دھشتگرديءَ جي شق لڳائي ڪيس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ تائين پوليس جي ڪارروائي جاري رکي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *