مڪي آرٿر تي پنهنجي هلائڻ وارو الزام درست ناهي: سرفراز احمد

ڪراچي(اسپورٽس نيوز )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان ۽ اسٽار رانديگر سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته پاڪستان ٽيم جي سليڪشن ۾ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر غير ضروري اختيارن جو استعمال ڪندي پنهنجي هلائي رهيو آهي ۽ ڪپتان جي راءِ کي اهميت نه پيو ڏئي.نيوزيلينڊ کان ڪراچي پهچڻ کانپوءِ نجي چينل سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته مڪي آرٿر ۽ مان دورن ۾ يارنهن رانديگرن جي چونڊ مشاورت سان ڪندا آهيون، ضرورت پوڻ تي چيف سليڪٽر انضمام الحق کان سان مشورو ڪيو ويندو آهي.هن چيو ته دنيا ۾ ڪابه ٽيم سيريز هارائي وڃي ٿي، هاڻ آسٽريليا ايشز سيريز کٽي پر انگلينڊ ون ڊي سيريز 4-1 تان کٽي ورتي اتي شڪست مان سازش کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *