مڪولم جوآسٽريليا خلاف شروع ٿيل ون ڊي ڪيريئر آسٽريليا خلاف ئي ختم

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان برينڊن مڪولم جو شاندار ون ڊي ڪيريئر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. هن گذريل ڏينهن آسٽريليا خلاف آخري ميچ کيڏي. 34 سالن جي بيٽسمين 2002ع ۾ آسٽريليا خلاف اوپننگ بيٽسمين طور ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 2016ع ۾ ئي پنهنجي آخري ميچ به آسٽريليا خلاف کيڏي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. هن وڪيٽ ڪيپنگ جا فرض پڻ انجام ڏنا. 14 سالن جي ڪيريئر ۾ هن 260 ون ڊي ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪئي ۽ 6083 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 5 سينچريون ۽ 32 اڌ سينچريون شامل آهن. سندس ون ڊي ۾ هڪ اننگز جو بهترين اسڪور 166 آهي. جيڪو هن 2008ع ۾ آئرلينڊ خلاف ٺاهيو هو. برينڊن مڪولم 260 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ وڪيٽ ڪيپنگ دوران 260 ڪيچون ۽ 15 اسٽمپ به ڪيا. واضح هجي ته هو ٽيسٽ ۽ ٽي-20 ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *