مڪمل لباس پهرڻ سبب آئٽم سانگ کي موٽ نه ملي: زالي سرحدي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا زالي سرحدي جو چوڻ آهي ته مڪمل لباس پهرڻ سبب سندس آئٽم سانگ کي مقبوليت حاصل نه ٿي پر مٿس تنقيد ڪئي وئي. زالي سرحدي اداڪار ۽ ميزبان احسن خان جي شو ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي ٻڌايو ته مان ماڊلنگ سميت پنهنجي زندگي ۾ سڀئي ڪم ڪيا ۽ هر اهو ڪم ڪيو جنهن جي جاکوڙ هوندي آهي ۽ خواهش پوري ٿي وئي. پروگرام دوران زالي سرحدي ٻڌايو ته مان شوبز انڊسٽري ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هڪ آئٽم سانگ به ڪيو جنهن تي ڪافي تنقيد ڪئي وئي. زالي سرحدي ٻڌايو ته منهنجي آئٽم سانگ کي تڪراري بڻائڻ جو سبب ڪو ٻيو نه پر مڪمل لباس پهرڻ هو ان ڳالهه جي تصديق حمزا علي عباسي به ڪري سگهي ٿو ڇو ته هن منهنجي آئٽم سانگ ۾ مڪمل لباس پهرڻ تي حوصلا افزائي ڪئي هئي. حمزا علي عباسي اها ئي ڳالهه ٽوئٽر تي به چئي هئي ۽ گڏوگڏ اهو به لکيو هو ته ٻيون ڇوڪريون به اهڙي عمل جي پروي ڪن. هن چيو ته ان وقت مونکي حمزا علي عباسي تي ڪاوڙ آئي هئي ته هو منهنجي ڪلهي تي رکي بندوق نه هلائي، جيڪڏهن کيس ٻين ڇوڪرين کي چوڻو آهي ته انهن کي منهنجي نالي سان نه پر پاڻ چوي. ميزبان احسن خان کانئس پڇيو ته اهي ڪير ڇوڪريون آهن؟ جنهن تي زالي چيو ته مهوش حيات، سوهائي علي ابڙو ۽ عائشه خان، اسان سڀني جا آئٽم سانگز هڪ وقت ۾ ئي سامهون آيا هئا. واضح رهي ته 2015ع ۾ ياسر جسوال جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم جليبي ۾ اداڪارا زالي سرحدي آئٽم سانگ جواني پيش ڪيو هو. شهود علوي ۽ زالي سرحدي هن وقت کٽي ميٺي زندگي نالي مزاحيا ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو جلد نشر ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *